Overview: آزادي کان پوءِ سنڌي افساني جي اوسر ۽ ثميره زرينثميره زرين، شڪارپور جي اعواڻ خاندان جي چشم و چراغ هئي. هوءَ پرده داري ۽ چار ديواريءَ جي زندان ۾ گهاريندڙ محبوس، هڪ عام سنڌي گهريلو عورت هئي. جيتري قدر سندس ڪهاڻيون جاذب ۽ ڪشش ڪندڙ هيون، اوتري قدر هن جي شخصيت ڪجهه وقت تائين مخفي بنجي رهي. اهو ئي سبب آهي جو هن جڏهن مختصر ڪهاڻين ۾ نالو پيدا ڪيو، تڏهن به گهڻن ماڻهن کي اعتبار نه هو ته هوءَ ڪا عورت ڪهاڻيڪار آهي! ڪن کي اهو ئي مغالطو هو ته شديد عورت جي نالي ۾ ڪو مرد قلمڪار آهي! جڏهن 1966ع ۾ سندري ۽ اُتم وطن ياترا تي هندستان مان هتي آيا، تڏهن هنن مختلف شاعرن ۽ اديبن سان ملاقاتون ڪيون. ثميره زرين سان به شڪارپور ۾ سندس گهر ۾ هلي وڃي ملاقاتون ڪيون، تڏهن پهريون ڀيرو هن جي زندگيءَ جا حالات ٿورو گهڻو منظر عام تي آيا. ثميره جون ڪهاڻيون رومانوي مزاج رکن ٿيون. احساس حسن ۽ ذوق جمال انهن جو بنيادي ۽ لازمي عنصر آهي. ڪردار، حيرت جي جذبي ۽ احساس سان گڏ، ان چيز جي جستجو ڪري ٿو، جنهن ۾ کيس حسن نظر اچي ٿو، مقصد ماڻڻ واسطي سرگرداني ڪندي حاصلات کڻي ڇا به ٿئي ليڪن ان ۾ هڪ لذت جو احساس پوشيده آهي. هن جي ڪهاڻين جون مکيه ڪردار عورتون آهن. سندس ڪردار پنهنجي ذوق جمال جي تسڪين توڙي پنهنجي ذهن ۽ روح جي آسودگي چاهين ٿا. زندگيءَ جو حسن، جيڪو پنهنجي رعنائيءَ ۾ منفرد ۽ لاثاني آهي، جنهن جي حصول لاءِ نظر جي بيتابي صرف تخيل جي بلند پروازيءَ جو سهارو وٺي ٿي. هنن جو ذهن صرف حسين خيالن ۽ خوابن جي واديءَ ۾ ڀٽڪي سڪون جي ڪنهن گوشي کي تلاش ڪري وٺي ٿو. پوءِ ڇو نه اُها ”شمع ٻاريندي شب“ جي بانو هجي ”کجور جو وڻ“ ڪهاڻيءَ جي ڪردار رابعي هجي يا ”رمندا بادل“ جي ’نازو‘ هجي. هر ڪنهن جي اندر ۾ حسن جي چاهت آهي. هرڪا پنهنجي ”پرينءَ“ لاءِ حيران آهي، ’ٿوهر‘جي ڪردار ’خيران‘ چيڙاڪ ۽ بدمزاج آهي، ليڪن صرف پنهنجي محبوب جو پيار حاصل ڪرڻ لاءِ نالان ۾ پريشان آهي. مطلب ته ”هرڪا مومل هرڪو راڻو، پنهنجي پنهنجي، ڪاڪ سڀن کي“ هر ڪا ڪهاڻي ان شعر جي ڄڻ ته تشريح آهي. هن جي مختصر ڪهاڻين جا ڪردار حسرت ۽ ياسيت جون تصويرون آهن، جن ۾ ڀرپور زندگي ماڻڻ جي تڙپ آهي. اهي نوخيز جوانيون پنهنجي دل ۾ ذوق جي مالڪ محبوب جون متلاشي آهن. هو’ ڪنهن جي انتظار ۾ عمر عزيز جون گهڙيون شمع وانگر ٻري رجائي رهيون آهن، مگر دل جي چاهت پوري ٿيندي ٿيندي، تان ته شمع جي آخري لاٽ به ڀڙڪو ڏئي وسامي وڃي ٿي! يا ڪن ڪهاڻين ۾ سماجي ۽ گهريلو ٻنڌڻ زنجيرون بنجي سندس ڪردارن جي پيرن کي قيد ڪري هميشه لاءِ پابند بنائي ڇڏين ٿا ۽ سندن دل جا ارمان دل ۾ ئي مدفون ٿي وڃن ٿا ۽ زندگي وري به سدائين لاءِ روڳ بنجي وڃي ٿي. ڪن ڪهاڻين ۾ مرد جي پوپٽ جي رنگت واري چاهت ٿي ڀنڀلجي، عورت پنهنجو پيار نه فقط نڇاور ڪري ٿي، ليڪن ان جو حسرت ناڪ انجام دامن ۾ پائي، جيءَ کي جهوري، پنهنجي وجود کي پامال به ڪري ڇڏي ٿي!”رمندا بادل“ جو مرڪزي ڪردار ’نازو‘ آهي. هوءَ اعليٰ سوسائٽي ۽ نالي ۾ چوائيندڙ آزاد معاشري جي فرد آهي. ليڪن سوسائٽي کڻي ڪهڙي رنگ ۾ به هجي، ڀلي ته ان ديسي مشرقي رسومات مان نڪري، مغربي آداب محفل اختيار ڪيا هجن، ليڪن عورت وري به ساڳيءَ ريت مجبور آهي. عورت مشرقي بنجي ڇير جي ڇمڪار ۾ نچندي وايو منڊل ۾ گذاري يا آرڪيسٽرا جي تيز سرن ۾ ٽؤسٽ جي رقص واري مغربي ماحول ۾ گذاريندي هجي، ليڪن نين ۽ پراڻين روايتن سان ڪو به فرق نه آيو آهي. هن کي هر ماحول ۾ پنهنجي امنگن ۽ لطيف جذبن کي دٻائڻو پيو آهي. عورت ويچاري ”نازو“ وانگر اها ئي پروس آهي! ”کجور جو وڻ“ ۾ رابعي معصوميت ۽ سچائيءَ سان پيار ڪري ٿي. انسان کي خوشي اهڙي درڪار آهي، جهڙي گلن کي بهار. ليڪن گلستان مان لنگهندي، مجسم بهارن سان ملڻ بدران سندس راهه ويرانن ۾ وڃي ختم ٿئي ٿي ۽ نيٺ هوءَ محبت ۾ مري مات ٿي وڃي ٿي ۽ ڪهاڻيءَ جو رقيق تاثر تلسي داس جي ان ڊرامي جي تشريح بنجي پوي ٿو، جيڪو محبت جي سنگلاخ زمين تي قدم رکڻ وقت سندس ساهيڙيءَ مرد جي بي وفائيءَ لاءِ کيس جتائيندي ٻڌايو هو!تلسی ایسی پریت نہ کر٬ جیسی لمبی کجوردھوپ لگے تو چھائوں نہیں٬ بوک لگے تو پھل دور”شمع ٻاريندي شب“ جي بانو وفا شعار زال آهي، جيڪا ڪٺن جدائيءَ ۽ ڏکن ڏوجهڙن ۾ وقت گذاريندي، بدحاليءَ ۽ بکن ۾ حياتي ڪاٽيندي رهي ٿي، ليڪن پاڪدامنيءَ ۽ وفا جي دامن هٿان نه ٿي ڇڏي. سندس مڙس کانئس هميشه لاءِ مُنهن موڙي الولين ۽ عيش ۾ مست زندگي گذاري رهيو آهي، ليڪن بي رخي ۽ سنگدليءَ جي هر ڪنهن هلت سان، سڪ ۽ محبت جي ميخ منجهس اڃا به پختي ٿيندي وڃي. هوءَ ڳچ ڳاريندي رهي ٿي، ليڪن اشتياق، نيڪ جذبن ۽ دعائن ۾ ڪا به ڪمي نٿي اچي. ايئن ئي وڇوڙي جي طويل ڪٺن رات اڻ کٽندڙ بڻجي وڃي ٿي ۽ هوءَ سراپا شمع انتظار جي صورت بنجي، پنهنجي راڻي جي فراق ۾ پڄرندي پاڻ ڳاريندي وسامي وڃي ٿي!”مومل جو ڏهاڳ“ به هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي. غزاله جي خوابن جي اڏام بلنديءَ تائين رسيل هئي. هوءَ چنڊ جهڙي روشن مستقبل جو خيال رکندي هئي ۽ پاڻ کي ڌرتيءَ جي بجاءِ ڪهڪشان جو رهواسي سمجهندي هئي! مگر اها ئي ياسيت سندس پلؤ پئي، جيڪا ثميره جي ڪردارن جو انجام آهي. هڪڙا اهي هئا، جن غزاله کي پسند ڪيو، مگر اهي يا ته کيس پسند نه پيا يا ته اهي سندس مائٽن کي پسند نه آيا، جن سان غزاله شادي رچائڻ چاهي ٿي، انهن جي دل جي چانئٺ تائين به غزاله جو نالو پهچي نه سگهيو. جنهن جي دل ۾ پيار پيدا ٿئي، ان جي خود نگاهه ۾ ئي حسن پيدا ٿي ويندو آهي. غزاله جي خوابن جو ديوتا سهيل هو، ليڪن هو وٽائنس پر ڪري اُڏامي ويو ۽ پنهنجو آشيانو پنهنجي دل مطابق الڳ جوڙيائين. دارا به غزاله جو سوٽ هو ۽ هو بهو سندس تصور جي تصوير هو. مگر اها هن جي بدبختي هئي، جو هو معمولي ملازم هو ۽ سندن خانداني اسٽئنڊرڊ تي پورو نٿي بيٺو، ان ڪري مائٽن کي اها شادي پسند نٿي آئي. عمر چڙهندي رهي ۽ غزاله جي حسن جو سج غروب ڪري رهيو هو. ليڪن عمر رفته کي ڪير موٽائي سگهي ٿو ڇا؟ لاچار هن کي طبيعت ۽ نهايت ئي بي ذوق شخص سان! اهڙيءَ طرح هن جي حسين خواب جو تعبير ڏهاڳ ۾ بدلجي وڃي ٿو!”گيت اڃايل مورن جا“ به محبت ۽ جذبات سان ڀرپور ڪهاڻي آهي، خون جي رشتي ۾ هڪٻئي لاءِ ڪيتري ڪشش ٿي سگهي ٿي، فريال ۾ هڪڙي معصوم خواهش سدائين دٻيل رهي ٿي، ته هوءَ ماءُ جي پيار کي تياڳي به ڪنهن طرح سان پنهنجي پيءُ سان ملي ۽ هن کان هڪوار آسيس وٺي! زال ۽ مڙس، ذهني اختلاف باعث هڪٻئي کان جدا ٿي وڃن ٿا، ليڪن عورت ماءُ هوندي، نفرت جي آگ ۾ ٻري وڃي ٿي. هوءَ پنهنجي ڌيءَ کي پيءُ سان ڪڏهن به ملڻ نٿي ڏئي. ليڪن پيءُ ۽ ڌيءَ جي دلين مان ڪڏهن به محبت مري نه ٿي سگهي ۽ ٻنهي جي اندر ۾ هڪ ٻئي لاءِ لازوال سڪ ۽ سوز، جستجو جي صورت ۾ قائم رهي ٿي، تان ته پنڌرهن سالن جي طويل مدت کان پوءِ پيءُ ۽ ڌيءَ جي پاڻ ۾ مختصر ملاقات ٿي وڃي ٿي، جيڪا جذباتي ۽ محبت آميز به آهي ۽ ساڳئي وقت رقت سوز پڻ!”سوريءَ سزاوار“ ۾ به اهو ئي پيار جو ڄاتل سڃاتل نغمو آهي، رومان خيز ماحول ۾ پيار جي نغمي سان دليون بي اختيار ائين جهومڻ لڳنديون آهن، جيئن بهار جي هيرن ۾ گل جهومندا آهن. هن ڪهاڻيءَ جي ڪردار ”فرزانه“ ڪيترن سارن جوڙن جي محبت جي ناڪاميابين تي سوچي ٿي ۽ اڳوڻين ڳٺل پيٺل راهن کي دليريءَ سان ٿڏي ڇڏي ٿي ۽ پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪرڻ ۾ پاڻ تي اعتماد ڪري ٿي!”ڇانوَ“ ٻهراڙيءَ جي نج ماحول جي پس منظر ۾ لکيل هڪ بي نظير ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ عورت جي بيڪسيءَ ۽ بيچارگيءَ جي حقيقي تصوير چٽيل آهي. ’نوري‘ سک ۽ اَمان ۾ پنهنجي مڙس سان مطمئن زندگي گهاري رهي هئي. سندس جهولي محبت جي خزانن سان هر وقت ڀريل هوندي هئي، ليڪن شايد قدرت کي ٻن دلين جي خوشي راس نه آئي. ظالم موت خوشيون لٽي هن جي دامن سڃي سکڻي بنائي ڇڏي ۽ ساڻس گڏ هن جي چئن سالن جي پٽ تان به شفقت جو پاڇو لهي ويو. هن جي زندگي ڏهاڳ ته بنجي وئي، ليڪن سماج جون ريتون هڪ ڏهاڳڻ زال کي به پنهنجي حال تي سک چين سان گذارڻ ڪين ٿيون ڏين! سڄي راڄ جو اهو رايو بيٺو ته هوءَ اڃا جواڻ جماڻ وياءُ آهي، جنهن کي مٿي ڇانو ضرور ڪرڻ کپي. هن جو ڏير عيدو به ڀاڄائيءَ جو مٿي ڍڪ بنجڻ لاءِ شرا شريعت واسطي آتو ويٺو هو. غمن ۾ هن جو جوڀن ڪومائجي ويو هو، پر عيدوءَ لاءِ هوءَ اڃا به ڄڻ ته انگور جي ول هئي، جنهن کي سندس ضرورت هئي! هن عيدوءَ جي هوس کان بچڻ لاءِ، پنهنجا بند خلاص ڪرڻ لاءِ، پنهنجي ڀائٽي رمونءَ کي ٻاڏايو، جنهن مٿي ڌارو هٿ رکيس ۽ پاڻ سان وٺي ويس. رمونءَ جي پيار ۽ شفقت هن سان پڄاڻيون ڪري ڇڏيون، هن چاهيو ٿئي ته هوءَ نواز جي وڏي ٿيڻ تائين رمونءَ جي پاڇي هيٺ گذاري، ليڪن رمونءَ جي زال جي ويروڍ ۽ طعنن تنڪن سندس حياتي وهه ڪري ڇڏي. هن محسوس ڪيو ته عورت، عورت جي ڪنهن به روپ ۾ به هجي، ليڪن عورت اهو برداشت نه ڪري سگهندي آهي! آخر فتحان جي برغلائڻ هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ رمونءَ جو خلوص ۽ پيار به موڪلائڻ لڳو. هن پڦيءَ سان سنئين منهن ڳالهائڻ به ڇڏي ڏنو. نيٺ هڪ رات اهڙي به آئي جو سارو کٽراڳ ختم ٿي ويو ۽ هن کي مٿي ڇانو ڪرڻي پئي. هوءَ رات جي پوئين پهر ۾، تارن جي ٿڌي ڇانو ۾ چانديءَ جي گجرين کي ڇمڪائيندي، اجرڪ اوڍي بيل گاڏيءَ ۾ سوار ٿي، ڪنهن اڻ ڏٺي منزل ڏانهن رواني ٿي وئي!ثميره جا ڪردار، حسن، خير ۽ نيڪيءَ جا مجسما آهن. هو حسن جا پارکو ۽ قدردان آهن. اهي پيار جا گل نڇاور ڪرڻ کي ئي زندگيءَ جو مقصد سمجهن ٿا، ليڪن هو اڪثر صبر وند آهن، حالات جي بي رحم هٿن ۾ چيڀاٽجي وڃن ٿا، پلاٽ جيتوڻيڪ رومانوي تخيلات جي خول ۾ ويڙهيل نظر اچي ٿو، ليڪن ان جي پس پرده ڪن حقيقي مسئلن تي روشني وڌي وئي آهي. ازدواجي زندگيءَ جي شروعات ڪندڙ ۽ جوڀن ماڻيندڙ نوجوانن جي، موجوده معاشري ۾ الجهنن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جيڪي الجهنون سندن آسن اميدن ڀريل زندگين کي کن ۾ ويران ڪري ڇڏين ٿيون!ثميره زرين جي ڪهاڻين جو هڪ واضح مقصد آهي ته حماقتن سان ڀريل پرفريب زندگيءَ کي هڪاليو نه ويو ته هولناڪ پيشنگوئيون ٿي سگهن ٿيون. صرف مادي ترقي ٿيڻ سان يا نوان فيشن اختيار ڪرڻ سان ڪا روحاني خوشي پڙ ڪانه ٿي پوي، جيستائين عورت کي آزاد ماحول ۾ پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ جو حق نه ڏنو ويندو، تيستائين انساني شرافت ۽ انا مجروح ٿيندي رهندي. جيڪي ماڻهو محض گفتگو ڪن ٿا، وضع داري نڀائين ٿا، اهي هن دور جا افراد ناهن. هيءُ زمانو محض گفتگو ڪرڻ ۽ قديم رسم رواج سان وفاداري ڪرڻ جو ناهي، اسان کي گهرجي ته فرسوده روايتن کي تياڳي مستقبل کي فراخدليءَ سان گلي لڳايون، جيئن رجعت جو اهو طلسم خانو ۽ قدامت جو شيش محل ڀڄي ڀورا ٿي پوي!هن جي چاهت جو بلند تخيل، سچائيءَ جو اعليٰ آدرش ۽ ڀرپور زندگي ماڻڻ جو حسين خواب سندس ڪردارن جي خواهش ۾ پنهان آهي، هن جي ٽيڪنڪ بلڪل منفرد آهي. سندس مرصع ۽ رنگين اسلوب تخليقي حسن رکي ٿو. هن جي ڪهاڻين ۾ ٿڌو ۽ سهائيندڙ تاثير هوندو آهي ۽ ڪردارن جي درد مان هڪ اڻ لکو ۽ نهايت لطيف تاثر پڙهندڙن جي احساس ۾ شامل ٿي وڃي ٿو!فنڪار جي ذاتي زندگيءَ ۾ جهاتي پائي، مون ڪو نه نهاريو، مگر ائين ٿو محسوس ٿئي ته هوءَ ياس ۽ حسرت جي سراپا تصوير بڻيل هئي. هن جون ڪهاڻيون پنهنجي درد جو ئي آواز معلوم ٿين ٿيون! سنڌ الاجي ۾ ساڻس ملاقات دوران مون کي ايئن محسوس ٿيو ته سندس ظاهري رونق ڀريل چهري هوندي به اکين جي جهروڪن مان ماضيءَ جون تلخيون لياڪا پائي رهيون آهن! شايد هن مستقبل جي اميدن کي دل جي گوشي ۾ هميشه لاءِ دفنائي ڇڏيو هو. هن گهريلو زندگي ختم ڪري يونيورسٽيءَ جي علمي ماحول ۾ ريسرچ فيلو جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. مگر اڃا هن گهٽ ۽ ٻوساٽ جي ماحول مان نڪري آزاد فضا ۾ ساهه کڻڻ مس شروع ڪيو، جو اها قدرتي هوا کيس ڀانءِ ڪا نه پئي ۽ بي رحم موت کيس هميشه لاءِ سمهاري ڇڏيو. اهو عمل به بلڪل ائين آهي، جيئن سندس ڪهاڻيءَ جي ڪنهن ڪردار کي خوشي راس نه ايندي هئي. ۽ منزل پائڻ جي آسري ۾ هو هميشه لاءِ منزل کان دور نڪري ويندو آهي! هن جي شخصيت ۽ سندس تخليقي افسانوي ڪردار ۾ ڪيڏي نه مشابهت آهي. هوءَ پنهنجي ڪردار جي پاڻ تمثيل بنجي پوندي، اها واقعي قدرت جي ستم ظريفي چئبي، جنهن اسان کي هڪ فنڪار کان سدائين لاءِ محروم ڪري ڇڏيو!!ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
Welcome to the ultimate digital reading experience. We have made it incredibly effortless for you to discover and immediately access Khatoon-e-Awal Kahanikar: Sumera Zareen (Anthology) by the highly acclaimed author Naseer Mirza without any of the usual frustrating hurdles. Whether you are an avid reader looking to devour the next captivating chapter on your morning commute, or someone who prefers to unwind with a rich, immersive audiobook before bed, our platform provides the perfect solution tailored exactly to your lifestyle.
By securing your access through our premium digital library, you are guaranteed the Complete, Unabridged Edition of this spectacular masterpiece. Forget about missing pages, broken text layouts, or low-quality unauthorized scans. We proudly offer crystal-clear, high-fidelity digital formats including Interactive PDF, Reflowable EPUB, and Premium Studio-Quality Audiobook versions. Once you select your preferred format, you can seamlessly sync and store it across all your favorite devices—be it an Amazon Kindle, Apple iPad, Android smartphone, or your primary desktop computer.
Our expansive, continuously updated repository currently hosts hundreds of thousands of best-selling novels, rare literary finds, and exclusive early releases, making us the premier destination for dedicated book enthusiasts globally. Due to an unprecedented surge in worldwide demand for Khatoon-e-Awal Kahanikar: Sumera Zareen (Anthology), we highly recommend securing your personal digital copy immediately to ensure uninterrupted, lifetime access. Your file is securely hosted on our lightning-fast, encrypted servers, guaranteeing a completely seamless download or live-streaming experience with zero buffering or annoying wait times.
Do not miss out on the opportunity to fully immerse yourself in this unforgettable literary journey. Simply choose your desired format from the secure action buttons below, and begin reading or listening in mere seconds. Join our vibrant, ever-growing community of bibliophiles today and permanently transform the way you consume literature!